عبدالخالق مولوي

عبدالخالق، مولوي: ڪلهوڙن جي دؤر جو شاعر، عالم ۽ استاد مولوي عبدالخالق اصل ٺٽي جو هو. نامياري عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو. تعليم پوري ڪرڻ بعد ساڳئي مدرسي ۾ معلم بڻيو. عربي ٻوليءَ تي وڏو عبور حاصل هوس. هو ڊگها بيت چوندو هو، بيتن ۾ ديني تعليم هوندي هئي. مولوي عبدالخالق جي شاعريءَ تي ٻڌل ڪتاب ‘مطلوب المومنين’ پڻ ڇپيل آهي، جيڪو مخدوم هاشم ٺٽويءَ درست ڪري مڪتبن لاءِ مقرر ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو